ٽپٽائي مولوي عبدالله

ٽپٽائي ، مولوي عبدالله: مولوي عبدالله ٽپٽائي پنهور ، مخدوم حاجي عبدالڪريم متعلوي ، مهاجر مڪيءَ جو شاگرد هو . فقہ جي جزئيات ۽ مسئلن ۾ محققاڻي راءِ جو مالڪ هو . هن گھڻن سالن تائين پنهنجي ڳوٺ ” ٽپٽ “ ۾ تدريس جو شغل جاري رکيو ۽ ڪيترن طالب علمن وٽانئس فائدو پرايو .
پنهنجي همعصر عالمن مان جيئن ، ته مولانا عبدالحئي لکنوي ( 1304ھه/ 1886ع ) ۽ حڪيم خليفي غلام محي الدين سيوستانيءَ سان بعض مسئلن تي تحريري مناظرا رهيس ۽ تحقيق ۾ سندس پهلو هميشه غالب رهندو هو . هو فقهي تحقيق ۾ ڪيترن اڳوڻن فقيهن سان اختلاف رکندي پنهنجي راءِ کي دليلن سان ثابت ڪندو هو .
مولوي عبدالله صاحب جو زڪوات جي نصاب تي هڪ مستقل نصاب آهي ، جنهن ۾ مولانا عبدالحق لکنويءَ تي رد ڏنو اٿس ، مولانا عبدالحئي جي تحقيق آهي ته ان وقت جي چالو انگريزي رپين جي حساب سان 40 رپين تي زڪوات لاڳو ٿئي ٿي ، پر مولوي صاحب پوري تحقيق سان درهم ۽ دينار جي جَوَن ۽ ماسن سان تور ڪري ثابت ڪيو آهي ، ته زڪواة جي نصاب لاءِ چالو انگريزي رپيا 53 هجڻ گھرجن . هن بزرگ جو هڪ ٻيو رسالو به آهي ، جنهن ۾ مئل ماڻهن جي نمازن ۽ روزن نه رکڻ لاءِ قرآن شريف بخشائڻ جي عدم جواز جي فتويٰ ڏني اٿس .
هن بزرگ کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو . جنهن ڪري هڪ وڏو ڪتب خانو هو ، جنهن ۾ ڪيترائي ڪتاب جمع ڪيا هئائين ، جن مان طالب علم ۽ عالم فائدو وٺندا هئا .
تصوف ۾ نقشبندي طريقي موجب خواجه حاجي عبدالرحمان مجددي سرهندي ( 1315ھه/ 1897ع ) جو بيعت ورتل هو . آخر ڄمار ۾ اکين کان نابين ٿي رهيو ۽ انهيءَ حالت ۾ اٽڪل 1325ھه ( 1907ع ) ڌاري وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.00.00  عيسوي

مولوي عبدالله ٽپٽائي پنهور 1325ھه (1907ع) ڌاري وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شگفته جماڻي
برڪت علي خان
سوامي غريب داس
ڀڳوانداس ميرچنداڻي
ابوالفضل نور احمد سنڌي
امام بخش گهرياڻي
چنا هارون
ٿڌاڻي انيل
ڀلوُ
پلي وڏيرو عبدالحليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون